حيدرآباد جي تاريخ

حيدرآباد جي تاريخ

حيدرآباد جي تاريخ

حيدرآباد جي تاريخ (ڪتاب): حيدرآباد جي تاريخ تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌيءَ جي نامور ترجمي نگار حسين بادشاهه سهيڙيو آهي، جنهن ۾ ناميارن ليکڪن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چارلس نيپيئر، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، نائون مل هوتچند، ڊاڪٽر جيمس برنس، جيمس مئڪمرڊو، ڪيپٽن ايسٽوڪ، علي حامد ڪوفي، پرمانند ميوارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، رضا علي عابدي وغيره جا مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ حيدرآباد جي تاريخ ۽ شخصيتون، حيدرآباد جا ڪوٽ ۽ قلعا، حيدرآباد جون سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتون، حيدرآباد جا قديم آثار، حيدرآباد جي واقعاتي تاريخ، حيدرآباد ۾ پليگ جا هاڃا، حيدرآباد جا فنڪار، ميلا ۽ ملاکڙا ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. هيءُ ڪتاب 2000ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ڇپائي پڌرو ڪيو. 669 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا آهي.


لفظ حيدرآباد جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو